امريڪا ۾ ھڪ شخص گھڻي اسپيڊ ۾ گاڏي ھلائڻ جي ڏوھھ ۾ گرفتاري کان بچڻ لاءِ الزام ڪتي تي لڳائي ڇڏيو.
امريڪي رياست ڪولوراڊو جي پوليس آفيسر موجب تيز رفتاري تي روڪيل شخص ڪتي سان سيٽ بدلائيندي ڏٺو ۽ ان موقف اختيار ڪيو تھ اسٽيئرنگ تي ھو نھ پر ڪتو موجود ھو.
پوليس موجب جوابدار جي مبينا طور نشي ۾ ڌت ھجڻ جون علامتون ڏٺيون ويون ۽ ان بابت پڇيو تھ ھن فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ گھڻو پري نھ وڃي سگھيو ۽ 18ميٽر جي فاصلي تي ٻيھر کيس روڪي گرفتار ڪيو ويو