سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ڌار ڌار روڊ حادثن ۾ ٻن عورت سميت 4 ڄڻا فوت ۽ 32 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.
ٺٽي کان ڪراچي ايندڙ وين گلشن حديد ويجهو ڪلٽي ٿي پئي، حادثي ۾ 28سالن جو ڪريم ۽ 30 ورهين جي فرح فوت ٿي ويا ۽ 6 مسافر زخمي ٿي پيا.
اطلاع تي پوليس حادثي واري هنڌ پهچي لاش ۽ زخمين کي کڻائي جناح اسپتال منتقل ڪيا، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوايل ڪيا ويا.
ڄام نواز علي ڀرسان ڪار ۽ ڊاٽسن ۾ ٽڪر ٿيڻ سبب 25 کان وڌيڪ ڄڻا زخمي ٿي پيا جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
ٻيراڻي ڄام واٽر وٽ ڊاٽسن، ڪار سان ٽڪرائجڻ کانپوءِ سم نالي ۾ ڪري پئي.
حادثي جي نتيجي ۾ ٽن عورتن سميت 25 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
اطلاع تي پوليس پهچي ٻيراڻي پوليس پهچي زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو.
ٻڌايو پيو وڃي ته زخمي ٿيل ٽن عورتن جي حالت نازڪ آهي.
ڊکڻ ويجهو شادي خان لاڙي وٽ ٽريڪٽر ڪلٽي ٿيڻ سبب ڊرائيور شڪيل جمالي فوت ٿي ويو ۽ سندس سئوت سراج جمالي زخمي ٿي پيو .
موقعي تي موجود ماڻهن لاش ۽ زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
مورو ويجهو اُٺ گاڏو ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ هڪ عورت فوت ٿي وئي ۽ هڪ زخمي ٿي پئي.
ڪورائي ٿاڻي جي حد ۾ اُٺ گاڏو ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ مسمات خديجا بروهي فوت ٿي وئي ۽ ٻي عورت حاجران بروهي زخمي ٿي پئي.
وارثن فوت ٿي ويل عورت جو لاش ۽ زخمي عورت کي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
حادثي ۾ فوت ٿيل عورت جو لاش گهر پهچائڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو………