جناح هائوس تي حملي دوران سياسي پارٽي جي وڳوڙين جي شرم جوڳن جملن ڀارت کي به پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي.
حملي جي نئين وڊيو ۾ ڇرڪائيندڙ منظر ۽ شرم جوڳي ڳالهه منظر عام تي اچي وئي.
وڊيو ۾ ڪهڙي بي حيائي سان ڀارتي فلم جو ڊائيلاگ” گهر ۾ گهڙي مارينداسين“ ورجايو پيو وڃي.
باهه ڏيڻ جا منظر ثابت ڪري رهيا آهن ته ڪيئن ڀرپور تياري سان سياسي وڳوڙي منظم نموني جناح هائوس کي باهه لڳائي.
جناح هائوس ۾ لائٽر جي پئٽرول سان ڪاٺ جي اسٽينڊ کي باهه ڏيڻ ۽ صوفا سيٽ باهه ۾ اڇلائي وڌيڪ باهه ڀڙڪائڻ جا منظر واضح طور ڏسي سگهجن ٿا.
ملڪ کان آزادي جي طلبگار ضمير وڪرو ڪندڙن جناح هائوس ۾ وڳوڙ ڪندي اسان وٺي رهنداسين آزاديءَ جا نعرا هڻي دشمن کي به خوش ڪري ڇڏيو.
وڳوڙي پنهنجي بغض ۽ سياسي شدت پسندي ۾ سڀ ڪجهه وساري ويا، هو اهو به وساري ويٺا، ڪريل ڏوهه ڪرڻ بعد هو قانون جي پڪڙ کا نٿا بچي سگهن.
اهي ترديد نه ٿيڻ جوڳا منظر عوام پنهنجي اکين سان 9 مئي تي به ڏٺا هئا ۽ هاڻي به ڏسي رهيو آهي.
ڪابه هٿ ٺوڪي پروپيگنڊا سچ کان انڪار ڪري سگهي ٿي نه ئي حقيقت کي لڪائي سگهي ٿي.