صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته ڪراچي جو ميئر پيپلز پارٽي جو هوندو ته بهتر نموني ڪم ڪري سگهندو، تحريڪ انصاف جي اڪثريت جماعت اسلامي سان اتحاد جي حق ۾ ناهي، پ پ جو ميئر ٿي وڃي ته قبضو آهي ۽ جماعت اسلامي جو ميئر ٿي ته ٺيڪ آهي، ڪراچي ۾ ورهائڻ جي سياست کي هٿي نه ڏيڻ گهرجي، عمران خان ۽ حافظ نعيم الرحمان پنهنجي هوڏ تي قائم آهن.
ڪراچيءَ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سعيد غني چيو ته 9 مئي تي ٿيل دهشتگردي جي نتيجي ۾ جن تي ڪيس داخل ٿيا آهن عمران خان انهن کي بنياد بڻائي آمريڪا کان مدد گهري رهيو آهي.
سندس چوڻ هو ته عمران خان پهريان آمريڪا تي الزام هنيو ته کيس هٽائڻ واري سازش آمريڪا ڪئي اڄ آمريڪي ڪانگريس جا ميمبر ڪپتان جي حق ۾ ڳالهائي رهيا آهن.
صوبائي وزير سعيد غني چيو ته عمران خان هاڻي چئي رهيو آهي ته جنرل باجوا سندس حڪومت ختم ڪرائي، پي ٽي آءِ ۾ پرويز الاهي کي شامل ڪرائڻ وارو باجوا آهي اهو پاڻ پرويز الاهي چئي چڪو آهي، آخر ۾ عمران خان چوندو ته بشريٰ بي بي حڪومت خلاف سازش ڪئي آهي.
هن چيو ته ڪراچي جو ميئر پيپلز پارٽي جو هوندو ته بهتر نموني ڪم ڪري سگهندو، تحريڪ انصاف جي اڪثريت جماعت اسلامي سان اتحاد جي حق ۾ ناهي.
سندس چوڻ هو ته پ پ جو ميئر ٿي وڃي ته قبضو آهي ۽ جماعت اسلامي جو ميئر ٿي ته ٺيڪ آهي، ڪراچي ۾ ورهائڻ جي سياست کي هٿي نه ڏيڻ گهرجي، عمران خان ۽ حافظ نعيم الرحمان پنهنجي هوڏ تي قائم آهن.
صوبائي وزير سعيد غني چيو ته ڪراچي جي ميئر جي چونڊ شو آف هينڊ وسيلي ٿيندي، جيڪي چيئرمين گرفتار آهن قانون موجب انهن کي چونڊن واري ڏهاڙي آندو ويندو.