بي اين پي سربراهه سردار اختر مينگل چيو آهي ته عمران خان ملڪ سان سچو ناھي ۽ عدالتن جو لاڏلو آھي جنهنڪري کيس عدالتن مان رليف ملي ٿو، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ورهين کان ماڻھو عدالتن جا چڪر ڪاٽين ٿا پر سندن ڪابه حاضري نٿي لڳي پر لاڏلي لاءِ ھڪ ڪلاڪ جو حڪمنامو جاري ڪيو وڃي ٿو، ملڪ مان ھيٺين طبقي جي ماڻھن مان مايوسي ختم ڪئي وڃي.
بي اين پي سربراهه سردار اختر مينگل ڪراچي ۾ مريد بڪڪ ڳوٺ پھچي قومپرست اڳواڻ الاھي بخش بڪڪ سان سندس ڀيڻ جي لاڏاڻي تي تعزت ڪئي.
تعزيت بعد ميڊيا سان ڳالھائيندي سردار اختر مينگل چيو ته الاھي بخش بڪڪ بنيادي قومپرست اڳواڻ آھي ھو سندس ڀيڻ جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظھار ڪن ٿا.
سندس چوڻ هو ته عمران خان ملڪ سان سچو ناھي ۽ عدالتن جو لاڏلو آھي جنهنڪري کيس عدالتن مان رليف ملي ٿو.
بي اين پي سربراهه سردار اختر مينگل چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ورهين کان ماڻھو عدالتن جا چڪر ڪاٽين ٿا پر سندن ڪابه حاضري نٿي لڳي پر لاڏلي لاءِ ھڪ ڪلاڪ جو حڪمنامو جاري ڪيو وڃي ٿو، ملڪ مان ھيٺين طبقي جي ماڻھن مان مايوسي ختم ڪئي وڃي.