پي سي بي مئنيجمينٽ ڪميٽي جي سربراهه نجم سيٺي چيو آهي ته ڀارت ايشيا ڪپ کيڏڻ لاءِ پاڪستان نه ٿو اچي ته هو به ورلڊ ڪپ کيڏڻ نه ويندا، ڀارت وڃڻ بابت فيصلو شاهد آفريدي نه پر حڪومت ڪندي.
انٽرويو ڏيندي نجم سيٺي چيو ته ورلڊ ڪپ لاءِ ڀارت وڃڻ جو فيصلو شاهد آفريدي جو ناهي ۽ نه ئي سندس آهي، اهو فيصلو ڀارتي ۽ پاڪستاني حڪومت جو آهي.
سندس چوڻ هو ته سڪيورٽي خدشا ئي واحد سبب آهن جنهن جي بنياد تي اهو فيصلو ڪيو ويندو آهي جيڪڏهن سندن حڪومت چيو ته اوهان ورلڊ ڪپ کيڏڻ وڃو ته هو ضرور ويندا.
پي سي بي مئنيجمينٽ ڪميٽي جي سربراهه نجم سيٺي چيو آهي ته ڀارت ايشيا ڪپ کيڏڻ لاءِ پاڪستان نه ٿو اچي ته هو به ورلڊ ڪپ کيڏڻ نه ويندا