ڀارت کي سفارتي محاذ تي وڏو ڌڪ، چين کانپوءِ ترڪيھ، مصر ۽ سعودي عرب بھ جي 20 اجلاس جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو.
والاريل ڪشمير ۾ ايندڙ ھفتي 20 عالمي معيشتن جي اتحاد جي 20 جي سياحت بابت ورڪنگ گروپ جو اجلاس ٿي رھيو آھي، چين اڳ کي اجلاس ۾ شرڪت کان معذرت ڪري چڪو آھي، جڏھن تھ ھاڻي سعودي عرب، ترڪيھ ۽ مصر بھ اجلاس جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو.
ڀارت 22 کان 24 مئي تائين والاريل ڪش۾ير ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ شرڪت لاءِ تنظيم جي ميمبر ملڪن سميت ڪجھھ ٻين ملڪن ۽ ڪيترن ئي عالمي ادارن کي شرڪت جي دعوت ڏني آھي.
چين پھريان ئي ڄمون ۽ ڪشمير کي ھڪ تڪراري علائقو قرار ڏيندي اعلان ڪري چڪو آھي تھ ھو سري نگر ۾ جي 20 جي سياحت بابت ورڪنگ گروپ جي اجلاس ۽ ٻين تقريبن ۾ شرڪت نھ ڪندو.
ڀارتي پرڏيھي وزارت موقف کي دھرائيندي چيو تھ ڄمون، ڪشمير ۽ لداخ جي معاملي تي ڪنھن ٻئي ملڪ کي ان تي تبصرو ڪرڻ جو اختيار نھ آھي.
ترڪيھ، سعودي عرب ۽ مصر اسلامي سھڪار تنظيم جي سمورن ميمبرن جي طرفان ڄمون ۽ ڪشمير کي آئيني حيثيت تبديل ڪرڻ تي بھ ڀارت کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي اجلاس جو بائيڪاٽ ڪيو آھي.
ٻئي طرف او آءِ سي جي ٻين ميمبر ملڪن ۾ بنگلاديش، انڊونيشيا، عمان ۽ متحدھ عرب امارات ان تقريب ۾ شرڪت جي تصديق ڪئي آھي.
واضح رھي تھ ڀارت پھرين ڊسمبر 2022ع تي جي 20 اجلاس جي صدارت سنڀالي ھئي ۽ ھلندڙ سال پھريون ڀيرو جي ٽوئنٽي اجلاس جي ميزباني ڪئي.
جي 20 تنظيم جي ميمبر ملڪن ۾ ڀارت، امريڪا، چين، برطانيا، روس، سعودي عرب، آسٽريليا، ڪئنيڊا، جرمني، فرانس، اٽلي، جاپان، ارجنٽينا، برازيل، انڊونيشيا، ميڪسيڪو، ڏکڻ آفريڪا، ڏکڻ ڪوريا ۽ ترڪيھ سميت يورپي يونين شامل آھن
رجب طيب اردگان صدارتي چونڊن ۾ 54 ڏهائي 47 سيڪڙو ووٽ حاصل ڪري ترڪيه جو ٽيون ڀيرو صدر چونڊجي ويو
رجب طيب اردگان صدارتي چونڊن ۾ 54 ڏهائي 47 سيڪڙو ووٽ حاصل ڪري ترڪيه جو ٽيون ڀيرو صدر چونڊجي ويو...