ڪراچي جي نارٿ ناظم آباد واري علائقي ۾ مبينا پوليس مقابلي دوران هڪ ڏوهاري مارجي ويو ۽ هڪ کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته نادرا ميگا سينٽر ڀرسان ڏوهارين سان مقابلو ٿي پيو، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ ڏوهاري مارجي ويو ۽هڪ کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو جڏهن ته هڪ پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيو.
پوليس موجب، جوابدار شهري کان ڦر ڪري رهيا هئا، پوليس کي ڏسي فائرنگ ڪئي، جنهن دوران اهلڪار اريب کي ڄنگهه ۾ گولي لڳي، جوابي فائرنگ ۾ هڪ ڏوهاري مارجي ويو جڏهن ته سندس ساٿي ڪامران کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو .
پوليس جو وڌيڪ چوڻ آحي ته جوابدارن جي قبضي مان ٻه پسٽل، موبائل فون ۽ موٽر سائيڪل هٿ ڪئي وئي آهي جڏهن ته وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.