پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ٽن ڏينهن جي دوري تي آزاد ڪشمير ۾ موجود آهي.
پرڏيهي وزير ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اڄ آزاد ڪشمير جي قانون ساز اسيمبلي کي خطاب ڪندو.
بلاول ڀٽو زرداري والاريل ڪشمير جي عوام سان ٻڌي جي اظهار لاءِ سڀاڻي ضلعي باغ ۾ جلسي کي خطاب به ڪندو.
آزاد ڪشمير جي قانون ساز اسيمبليءَ جو خصوصي اجلاس 2 وڳي ٿيندو,اجلاس کي آزاد ڪشمير جو صدر بئريسٽر سلطان محمود چوڌري به خطاب ڪندو, آزاد ڪشمير قانون ساز اسيمبليءَ جي اجلاس جي ايجنڊا جاري ڪئي وئي آهي.