ججن جي آڊيو ليڪس بابت عدالتي ڪميشن جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ جاچ شروع ڪري ڇڏي، ڪميشن وفاقي سرڪار کي سمورو رڪارڊ فراهم ڪرڻ جي هدايت ۽ ڪارروائي پبلڪ ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ججن جي آڊيو ليڪس بابت عدالتي ڪميشن جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي.
اٽارني جنرل عثمان منصور اعواڻ ڪميشن ۾ پيش ٿيو، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سوال ڪيو ته ڪميشن ڪهڙي قانون تحت جوڙي وئي آهي؟.
اٽارني جنرل جواب ڏيندي چيو ته ڪميشن انڪوائري ڪميشن ايڪٽ 2016ع تحت جوڙي وئي آهي.
عدالتي ڪميشن آڊيو ليڪس جي ڪارروائي پبلڪ ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته ڪوبه حساس معاملو سامهون آيو ته ان ڪيمرا ڪارروائي جي درخواست جو جائزو ورتو ويندو.
ڪميشن وفاقي حڪومت کي اي ميل ايڊريس ۽ سمورو مواد فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته ڪميشن اشتهار ذريعي عوام کي به معلومات فراهم ڪرڻ جو چوندي، سمورين آڊيوز جي ٽرانسڪرپٽ به ذميوار آفيسر جي صحي سان فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، ٽرانسڪرپٽ ۾ غلطي ٿي ته لاڳاپيل آفيسر خلاف ڪارروائي ٿيندي.
عدالتي ڪميشن چيو ته جن جي آڊيوز آهن انهن جا نالا، عهدا ۽ رابطي جا نمبر به فراهم ڪيا وڃن.
جسٽس قاضي فائز عيسيٰ عدالتي ڪميشن جي اختيار جو دائرو واضح ڪندي چيو ته انڪوائري ڪميشن سپريم جوڊيشل ڪائونسل ناهي، انڪوائري ڪميشن ڪنهن جج خلاف نه ڪا ڪارروائي ڪري رهي آهي نه ڪندي، عدالتي ڪميشن جو ڪم حقيقتون قوم سامهون آڻڻ آهي.
هن چيو ته سپريم جوڊيشل ڪائونسل جي اختيار جي دائري ۾ مداخلت نه ٿيندي، هو سمورن شاهدن جي عزت ڪندا ۽ عزت جي اميد به ڪن ٿا، ڪميشن جو اختيار آهي ته سهڪار نه ڪندڙن کي سمن جاري ڪري سگهي، ڪميشن رڳو نوٽيس جاري ڪندي، ڪوشش هوندي ڪنهن کي سمن جاري نه ٿئي.
جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته حڪومتي آفيسرن وٽ پهريان ئي انڪار جي گنجائش ناهي هوندي، عوام کان معلومات فراهمي لاءِ اشتهار جاري ڪيو ويندو.