سنڌي ادبي بورڊ طرفان بنا اجازت ڪتاب ڇپرائيندڙ پبلشرن خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
سنڌي ادبي بورڊ جي بورڊ آف گورنرس جو اجلاس سنڌي ادبي بورڊ جي هيڊ آفيس ڄام شورو ۾ بورڊ جي چيئرمين مخدوم سعيد الزمان ”عاطف“ جي صدارت هيٺ ٿي گذريو.
اجلاس ۾ بورڊ آف گورنرس جي ميمبرن ڊاڪٽر دُر محمد پٺاڻ، ڊاڪٽر نواز علي شوق، سرفراز راڄڙ، ڊاڪٽر اسد جمال پلي، ايم اين اي ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي، ميڊم نذير ناز ۽ ڪريم خواجه شرڪت ڪئي.
اجلاس دوران اداري جي مختلف ڪارگذارين جي منظوري ڏني وئي.
بورڊ جي چيئرمين ۽ ميمبرن يڪراءِ هيٺيون رٿون پاس ڪيون، بورڊ جي ڪتابن خاص ڪري ڇپائيءَ جي انتظار ۾ پيل مسودن کي آڊيو فارميٽ ۾ ڪري ان کي ويب سائيٽ تي رکيو وڃي، جن به پبلشرن بورڊ جا ڪتاب بنا اجازت جي ڇپرايا آهن، انهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.
اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سينيئر اديبن سان گڏجاڻي ڪري ورهاڱي کان اڳ جي ادب کي سهيڙڻ جي اسڪيم جوڙجي، ان ادب کي فوري طور بورڊ جي ويب سائيٽ تي رکجي ۽ دنيا ۾ سنڌي ادب تي ڪم ڪندڙ ادارن سان رابطي ۾ اچي اتي رهندڙ سنڌي اديبن جو مواد هٿ ڪجي ان کي به ويب سائيٽ تي رکجي ۽ ان کي ڇپائڻ لاءِ منصوبو جوڙيو وڃي.
اجلاس ۾ منظوري ڏني وئي ته سنڌ جي مرحومه ليکڪائن تي ڪتاب شايع ڪرايو وڃي.
اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته روزمره جي استعمال جي شين جي مختلف علائقن ۾ سڏجندڙ نالن جي ڊڪشنري تيار ڪرائي وڃي.
اجلاس بعد پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ مخدوم سعيد الزمان ”عاطف“ چيو ته سنڌ سرڪار سان بورڊ جي اهم معاملن تي لک پڙهه آهي.
چيئرمين سنڌي ادبي بورڊ ۽ بورڊ آف گورنرس جي ميمبرن وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه کان گهر ڪئي ته سنڌي ادبي بورڊ جي روڪيل پي سي ون سميت حيدرآباد ۾ موجود سنڌي ادبي بورڊ جي بڪ شاپ جي نئين سر تعمير لاءِ پي سي ون منظور ڪئي وڃي ۽ ٻيهر لکپڙهه ڪئي وڃي.