ڪراچيءَ جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت سنڌ جي اڳوڻي گورنر عمران اسماعيل کي جوڊيشل رمانڊ تي جيل اماڻيندي ايندڙ ٻڌڻي تي ڪيس جو چالان پيش ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
ڪراچيءَ جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ عمران خان جي گرفتاري بعد احتجاج دوران ڀڃ ڊاهه جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.
ٻڌڻي دوران سنڌ جي اڳوڻي گورنر عمران اسماعيل کي ٻن ڏينهن جو جسماني رمانڊ مڪمل ٿيڻ تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.
پوليس پاران عمران اسماٿيل جي رمانڊ ۾ 14 ڏينهن جي واڌ جي اپيل ڪئي وئي.
عدالت جاچ آفيسر جي درخواست رد ڪندي عمران اسماعيل کي عدالتي رمانڊ تي جيل اماڻيندي ايندڙ ٻڌڻي تي جاچ آفيسر کي ڪيس جو چالان پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
عمران اسماعيل خلاف ٽيپو سلطان ٿاڻي تي ڪيس داخل ٿيل آهي.
عمران اسماعيل تي الزام آهي ته 9 مئي تي شاهراهه فيصل تي عمران خان جي گرفتاريءَ خلاف ڀڃ ڊاهه ڪئي وئي.