سنڌ ۾ مڪاني ادارن جي نون چونڊيل نمائندن عهدن جو قسم کڻي ورتو.
ڪراچي ۾ مڪاني چونڊن ۾ چونڊيل چيئرمينن، وائيس چيئرمينن ۽ جنرل ميمبرن عهدن جو قسم کنيو.
سينٽرل ضلعي جي چونڊيل نمائندن ڪمپري هينسو اسڪول بلاڪ 8، انجمن اسلاميا هاءِ اسڪول لياقت آباد ۽ ڪراچي ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪاليج ناظم آباد ۾ قسم کڻڻ واري تقريب ٿي.
لياري ۽ صدر مان چونڊيل نمائندن شهيد عبدالستار عيساڻي هال ۾ قسم کنيو جڏهن ته ڪورنگي جي چونڊيل نمائندن گورنمينٽ وومين ڪاليج اڍائي نمبر ڪورنگي ۾ قسم کنيو.
ڪياماڙي ضلعي ۾ چونڊيل نمائندن جي قسم کڻڻ واري تقريب پيراڊائيز هال حب ريور روڊ گلشن مزدور ۾ ٿي .
تقريب ۾ ڊپٽي ڪمشنر ڪياماڙي مختيار ابڙي، اسسٽنٽ ڪمشنر بلديا ٽائون، اسسٽنٽ ڪمشنر ماڙيپور ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر مورڙو ميربحر چونڊيل نمائندن کي قسم کڻايو.
بلديا ٽائون جي 13، ماڙيپور ٽائون جي 11 ۽ مورڙو ميربحر ٽائون جي 8 چيئرمينن ۽ وائيس چيئرمينن عهدي جو قسم کنيو.
ان موقعي تي وڏي وزير جو خاص مددگار لياقت آسڪاڻي به موجود هو.
ملير ضلعي جي ٽن ٽائونز گڏاپ ٽائون، ملير ٽائون ۽ ابراهيم حيدري ٽائون جي 30 يونين ڪميٽين جي چونڊجي آيل 180 ميمبرن قسم کڻي ورتو.
رائل بينڪويٽ ۾ آر او بشاوت حسين ۽ اعجاز هاليپوٽو چونڊيل نمائندن کي عهدن جو قسم کڻايو.
قسم کڻندڙ اميدوارن کي سندن حامين پاران گلن جا هار پارايا ويا.
پيپلز پارٽي، جماعت اسلامي ۽ تحريڪ انصاف سميت ٻين پارٽين جي ميمبرن عهدن جو قسم کنيو.
حيدرآباد ۾ مڪاني ادارن جي چونڊن ۾ ڪامياب ٿيل 160 يوسين مان 159 يوسين جي چيئرمينن ۽ وائيس چيئرمينن عهدي جو قسم کڻي ورتو.
ميونسپل ڪارپوريشن جي 9 مختلف ٽائونز ۾ ڌار ڌار هنڌن تي قسم کڻڻ واريون تقريبون ٿيون جتي پ پ جي هڪ سئو، پي ٽي آءِ جي 41 ۽ 15 آزاد اميدوارن سميت ٻين قسم کنيو.
سکر ضلعي جي 42 يونين ڪائونسلن جي چونڊيل نمائندن کي ڊپٽي ڪمشنر ڊاڪٽر طاهر شهزاد ٿهيم قسم کڻايو.
ميرپورخاص ۾ مڪاني ادارن جي چونڊن ۾ چونڊجي آيل ضلعي ڪائونسل جي 53 ڪائونسلرن، ميونسپل ڪارپوريشن جي 22 چيئرمينن، وائيس چيئرمينن ۽ 88 ڪائونسلن، 53 يونين ڪائونسلن جي چيئرمينن، وائيس چيئرمينن ۽ ڪالونسلرن سميت ستن ٽائون ڪميٽين جي ڪائونسلرن جي قسم کڻڻ جون ڌار ڌار تقريبون ٿيون.
تقريب دوران چونڊجي آيل نمائندن قسم کڻي ورتو.
ضلعي ڪائونسل ۽ ميونسپل ڪارپوريشن جي ميمبرن جي قسم کڻڻ واري تقريب ۾ ايم اين اي مير منور ٽالپر، ڊپٽي ڪمشنر، ايس ايس پي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
اليڪشن ڪميشن طرفان لاڙڪاڻي ضلعي جي مڪاني ادارن جي نمائندن جي قسم کڻڻ واري تقريب ٿي جنهن ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر شاهده پروين، ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر عطاءُ الله بروهي، چونڊيل نمائندن ۽ سندن حامين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
لاڳاپيل پريزائيڊنگ آفيسر لاڙڪاڻي ضلعي ۾ مڪاني ادارن جي چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ چونڊيل نمائندن کي قسم کڻايا.
قسم کڻندڙن ۾ يونين ڪائونسل، يونين ڪميٽي، ٽائون ڪميٽي، ميونسپل ڪميٽي، ميونسپل ڪارپوريشن، ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن سچل، ايمپائر، دڙي ۽ حيدري جا چونڊيل نمائندا شامل آهن.
ڊپٽي ڪمشنر رابعه سيال آڊيٽوريم هال جناح باغ ۾ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاڙڪاڻي، ميونسپل ڪميٽي رتيديري، ميونسپل ڪميٽي نئين ديري، ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن سچل، ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن ايمپائر، ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن حيدري ۽ ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن دڙي جي چونڊيل نمائندن کي قسم کڻايو.
نوابشاهه ۾ ميونسپل ڪارپوريشن جي ٻن ٽائون ڪميٽين ايڇ ايم خواجه ۽ اولڊ نوابشاهه جي چيئرمينن، وائيس چيئرمينن ۽ ڪائونسلرن جي قسم کڻڻ واري تقريب ٿي.
ضلع ڪائونسل جي ميمبرن توڙي ڪائونسلرن به قسم کنيو.
ڊپٽي ڪمشنر ڪنول نظام ضلعي ڪائونسل جي ميمبرن کان قسم کڻايو.
دادو ضلعي جي 66 ضلعي ڪائونسل ميمبرن، 83 ميونسپل ۽ ٽائون ڪميٽين جي ميمبرن کي ڊپٽي ڪمشنر سيد مرتضيٰ علي شاهه قسم کڻايو.
ضلع ڪائونسل دادو ۾ قسم کڻڻ واري تقريب ڪوٺائي وئي جنهن ۾ چونڊجي آيل ميمبرن سميت سياسي سماجي اڳواڻن ۽ شهرين شرڪت ڪئي.
قسم کڻندڙن ۾ ضلعي ڪائونسل جا 66، ميونسپل ڪميٽي دادو جا 24، جوهي جا 8، ميهڙ جا 14 ۽ ڪي اين شاهه جا 11 ميمبر شامل آهن.
ٽائون ڪميٽي ڦلجي جي چئن، سيتا جي 8، راڌڻ جي 9 ۽ ٿرڙي جي پنجن ميمبرن به قسم کنيو.
ٻهراڙي جي 66 يونين ڪائونسلن جي چيئرمين، وائيس چيئرمين ۽ ڪائونسلرن جي تعلقي سطح تي ڌار ڌار قسم کڻڻ جون تقريبون ڪوٺايون ويون.
دادو تعلقي جي 16 يونين ڪائونسلن جي قسم کڻڻ واري تقريب علامه آئي آئي قاضي لائبريري جي آڊيوٽوريم هال ۾ ٿي.
چيئرمينن، وائيس چيئرمينن ۽ ٻهراڙي جي ڪائونسلرن کي اسسٽنٽ ڪمشنر ڊاڪٽر شاهنواز ميراڻي قسم کڻايو.
ڪنڌڪوٽ ۾ ضلعي ڪائونسل جي چونڊجي آيل ميمبرن، ميونسپل ڪميٽي ۽ ٽائون ڪميٽين جي وارڊ ڪائونسلرن کي ضلعي ڪامپليڪس ۾ ڊپٽي ڪمشنر منور علي مٺياڻي قسم کڻايو.
ٽنڊي الهيار ضلعي جي 235 چونڊيل نمائندن عهدي جو قسم کڻي ورتو.
مٽياري جي مڪاني ادارن جي چونڊيل نمائندن جي ڊي سي آفيس ۾ قسم کڻڻ واري تقريب ٿي جتي ڊي آر او چونڊيل نمائندن کي قسم کڻايو.
نوشهروفيروز ضلعي جي 68 يونين ڪائونسلن،9 ٽائون ڪميٽين، ٻن ميونسپل ڪميٽين ۽ ھڪ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي 597 ڪامياب ٿيل نمائندن قسم کڻي ورتو.
ميونسپل ۽ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي چونڊيل ميمبرن کي ڊپٽي ڪمشنر شاهزيب شيخ قسم کڻايو جڏهن ته پنجن ئي تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن يوسيز ۽ ٽائون ڪميٽين جي چونڊيل نمائندن کي قسم کڻايو.
خيرپور ۾ مڪاني چونڊن ۾ تعلقي خيرپور جي 11 يوسين ڪائونسلن، ٽن ٽائون ڪميٽن جي چونڊجي آيل چيئرمينن، وائس چيئرمينن ۽ ٻين ميمبرن جي قسم کڻڻ واري تقريب اسسٽنٽ ڪمشنر آفيس ۾ ٿي گذري.
اسسٽنٽ ڪمشنر ارسلان حيدر ڦلپوٽو ٽن ٽائون ڪميٽن ۽ 11 يوسين ڪائونسلن جي چيئرمينن، وائس چيئرمينن ۽ ٻين ميمبرن کي عھدن جو قسم کڻايو.
فيض گنج ۾ چونڊجي آيل مڪاني نمائندن جي قسم کڻڻ واري تقريب پڪاچانگ جي هاءِ اسڪول ۾ ٿي جتي تعلقي جي 10 يونين ڪائونسلن جي 40 جنرل ميمبرن ۽ سڌي طرح چونڊجي آيل 10 يوسي چيئرمينن ۽ ٻن ٽائون ڪميٽين جي 11 وارڊ ميمبرن قسم کڻي ورتو.
تقريب ۾ چونڊيل مڪاني نمائندن کي رٽرننگ آفيسر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر فيض گنج مستقيم قريشي قسم کڻايو.
پير جو ڳوٺ ٽائون ڪميٽي، پريالي ۽ احمد پور ٽائون ڪميٽي سميت ڪنگري تعلقي جي 13 يوسين تي ڪامياب ٿيل نمائندن کي روينيو آفيس ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنگري ۽ مختيارڪار ڪنگري قسم کڻايو.
ٺري ميرواھه تعلقي جي چونڊيل نمائندن جي قسم کڻڻ واري تقريب ھاءِ اسڪول ۾ ٿي گذري جتي رٽرننگ آفيسر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر عبدالباسط ھڪڙو چئن ٽائون ڪميٽين جي چونڊيل ميمبرن ۽ 14 يوسين جي چونڊيل چيئرمينن، وائيس چيئرمينن ۽ ڪائونسلرن کي قسم کڻايو.
قسم کڻڻ بعد چونڊيل نمائندن کي سندن حامين پاران گلن جي ورکا ڪري ھار پارايا ويا.
ڄامشوري ضلعي جي 30 يونين ڪائونسلن، ٽن ميونسپل ڪميٽين ۽ پنجن ٽائون ڪميٽين جي چونڊجي آيل نمائندن قسم کڻي ورتو.
شڪارپور ضلعي جي ڇھن ٽائون ڪميٽين ۽ ھڪ ميونسپل ڪميٽي جي 117 ميمبرن قسم کڻي ورتو.
ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي 55 يونين ڪائونسلن جي ميمبرن به قسم کڻي ورتو.