سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه مڪاني ادارن جي نون چونڊيل ميمبرن کي واڌايون ڏنيون آهن، سندس چوڻ آهي ته اڄوڪو ڏينهن پ پ طرفان جمهوري ادارن کي هٿي ڏيڻ جو ثبوت آهي، چونڊيل نمائندن کي سياست کان هٽي ڪري پنهنجي علائقن جي خدمت ڪرڻ گهرجي.
وڏي وزير مراد علي شاهه مڪاني ادارن جي چونڊيل نمائندن کي قسم کڻڻ تي واڌايون ڏنيون آهن.
وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته اميد آهي ته نوان چونڊيل نمائندا سياست کان مٿانهون ٿي ڪري پنهنجي لاڳاپيل علائقن جي خدمت ڪندا.
هن چيو ته اڄوڪو ڏينهن سنڌ جي تاريخ ۾ پ پ جي جمهوري ادارن کي هٿي ڏيڻ جو ثبوت آهي.
سندس چوڻ هو ته اميد آهي ته اليڪشن ڪميشن جلد مڪاني ادارن جي چونڊ مڪمل ڪري اختيار چونڊيل نمائندن حوالي ڪندي.
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته اليڪشن ڪميشن خاص سيٽون به جلد مڪمل ڪري ته جيئن مڪاني ادارا ڪم ڪري سگهن.