سيوهڻ جي عدالت نورعين فاطما قتل ڪيس ۾ گرفتار سندس ڀاءُ ۽ چاچي کي چئن ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.
سيوهڻ جي عدالت ۾ نورعين فاطما قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.
ٻڌڻي دوران پوليس قتل ڪيس ۾ گرفتار ناري جي ڀاءُ ۽ چاچي کي عدالت آڏو پيش ڪيو.
عدالت نورعين فاطما جي ڀاءُ اي ايس آءِ محسن مهر ۽ سندس چاچي جمن مهر کي چئن ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.
گرفتار ٿيل اي ايس آءِ محسن مهر پنهنجي بيان تان ڦري ويو ۽ ڏوهه قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
محسن مهر روئيندي چيو ته مٿس تشدد ڪري زبردستي ڏوهه قبول ڪرايو ويو آهي، هو ماءُ برابر پنهنجي ڀيڻ کي قتل نه ٿو ڪري سگهي.