آرمي چيف جنرل عاصم منير طرفان 25 مئي تي شهيدن جي احترام جو ڏهاڙو ملهائڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته فوجي هنڌن، يادگارن ۽ شهيدن جي حرمت تي حملا برداشت جوڳا ناهن، فوج جو هر سپاهي ۽ آفيسر سياسي تعصب کان مٿانهون ٿي پنهنجا فرض ادا ڪري ٿو.
ڊي جي آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته جي ايڇ ڪيو ۾ شهيدن ۽ غازين ۾ اعزاز ورهائڻ واري تقريب ٿي.
آرمي چيف جنرل منير آپريشنن دوران بهادري ۽ قوم لاءِ شاندار خدمتن تي پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن کي فوجي اعزازن سان نوازيو.
آءِ ايس پي آر موجب 51 آفيسرن کي ستارا امتياز ملٽري، 22 آفيسرن ۽ جوانن کي تمغه بسالت ۽ ٻن جوانن کي گڏيل قومن جا خاص ميڊل ڏنا ويا.
تقريب ۾ پاڪ فوج جي سينيئر آفيسرن ۽ شهيدن جي گهر ڀاتين شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي خطاب ڪندي آرمي چيف جنرل عاصم منير چيوته ڪو شق ناهي ته فرض شناسي ۽ عظيم قربانين عيوض هو آزاد فضا ۾ زندگي گذاري رهيا آهن، شهيدن جون قربانيون ۽ غازين جي خدمت قميتي اثاثو آهن.
هن چيو ته پاڪ فوج اداري طور پاڻ سان واڳيل فرد ۽ سندس پونيئرن کي سدائين ياد رکي ٿو ۽ سندن اهو رشتو خاندان طور فخر جوڳو آهي.
آرمي چيف چيو ته پاڪ فوج جو هر سپاهي ۽ سمورا آفيسر علائقائي، لساني ۽ سياسي تعصب توڙي فرق کان مٿانهون ٿي رڳو پنهنجي فرض کي مٿانهون رکندو آهي.
جنرل عاصم منير چيو ته مضبوط فوج ملڪ جي سلامتي ۽ اتحاد جي ضامن هوندي آهي.
آرمي چيف چيو ته فوجي هنڌن، يادگارن ۽ شهيدن جي حرمت تي حملا برداشت جوڳا ناهن.
جنرل عاصم منير 25 مئي تي شهيدن جي احترام جو ڏهاڙو ملهائڻ جو اعلان پڻ ڪيو