سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئچ سکر سارنگ شر جي بريت خلاف اپيل ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.
سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئچ سکر پراسيڪيوٽر جنرل جي داخل ڪرايل ٽن درخواستن کي جون مهيني ۾ ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو.
واضح رهي ته 27 اپريل 2023 ع تي خيرپور جي فورٿ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت شاگردن سان بدفعلي جي ڪيسن مان جوابدار سارنگ شر کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، جڏهن ته سنڌ سرڪار عدالت جي فيصلي کي چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو.
پراسيڪيوٽر جنرل طرفان جوابدار سارنگ شر جي بريت واري فيصلي کي سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ سکر ۾ چئلينج ڪيو ويو.
درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته جوابدار سارنگ شر جي ڪيس ۾ شاهديون نه ٻڌيون ويون آهن، جوابدار جي بريت وارو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.
ٺري ميرواهه ۾ جوابدار سارنگ شر جون شاگردن سان بدفعلي ڪرڻ واريون وڊيو وائرل ٿي هيون جنهن بعد مٿس 3 ڪيس داخل ڪيا ويا هئا