روهڙي ويجهو ٽنڊو ٻوراھو واري علائقي جي گذريل ٻن مهينن کان بجلي بند هئڻ خلاف رھواسي روڊ تي نڪري آيا.
ٽنڊو ٻوراھو جي رھواسين امداد علي پتافي، اڪبر علي ڇجڻ، امتياز عباسي، نياز علي شاهه، قربان علي ڇجڻ ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي
احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻن چيو ته ھڪ ٽرانسفارمر چور لاھي ويا آهن ۽ ٻيو سڙيل آهي، ٽرانسفارمر لڳائي بجلي بحال ڪري ڏني وڃي.
رهواسين چيو ته گذريل ٻن مهينن کان علائقي جي بجلي بند پيل آهي، سخت گرمي ۽ مڇرن جي آزار ڪري معصوم ٻارڙا مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن.
احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻن سيپڪو جي اعليٰ اختيارين ۽ چونڊيل نمائندن کان مطالبو ڪيو ته علائقي جي بجلي بحال ڪرائي ڏني وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو واڌيو ويندو