وزيراعظم شهبازشريف چيو آهي ته جناح هائوس تي حملو ڪو پاڪستاني نه ٿو ڪري سگهي اهو ملڪ دشمن جو ڪم آهي، جي ايڇ ڪيو ۽ ريڊيو پاڪستان تي حملا کليل دهشتگردي ۽ ملڪ دشمني آهن، ٻيهر اهڙا واقعا روڪڻ لاءِ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، 9 مئي کي ملڪي تاريخ جي ڪاري ڏينهن طور ياد رکيو ويندو.
ڪوئيٽا ۾ راندين جي قومي مقابلن جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهبازشريف چيو ته 9 مئي تي ملڪي تاريخ جو ڏکوئيندڙ واقعو پيش آهي، جيئن دشمن زيارت ۾ قائداعظم جي گهر کي تباهه ڪيو، ائين ئي لاهور ۾ جناح هائوس کي ساڙيو ويو.
هن چيو ته ڪو به پاڪستان جناح هائوس کي ساڙي نه ٿو سگهي، اهو دهشتگرد ۽ ملڪ دشمن جو ڪم آهي.
وزيراعظم چيو ته ريڊيو پاڪستان ۽ جي ايڇ ڪيو تي حملو پاڪستانيت ۽ حب الوطني نه پر کليل دهشتگردي توڙي ملڪ دشمني آهي.
شهبازشريف چيو ته اهڙا قدم کڻڻا پوندا ته جيئن قيامت تائين ٻيهر اهڙا واقعا نه ٿي سگهن، قانون موجب ملوث ماڻهن کي سزا ڏني ويندي.
وزيراعظم چيو ته ان ڪڌي حرت ۽ شهيدن جي توهين کي سدائين مذمت ڪئي ويندي، 9 مئي کي ملڪي تاريخ جي ڪاري ڏينهن طور ياد رکيو ويندو.
شهبازشريف چيو ته دشمن جيڪو 75 ورهين ۾ نه ڪري سگهيو، اهو 9 مئي تي ڪيو ويو