ڪوٽڙي شهر جي مختلف علائقن ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ برقرار آهي، جڏهن ته ايس ٽي پي جي ڪارڪنن احتجاجي ريلي ڪڍي نعريبازي ڪئي.
ڪوٽڙي سائيٽ جي غريب آباد ڪالوني سميت ٻين ڪالونين ۽ پاڙن ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ خلاف ايس ٽي پي جي ڪارڪنن پاران خدا جي بستي چوڪ کان ريلي ڪڍي ميونسپل ڪميٽي ٻولهاڙي جي آفيس آڏو ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي.
ان موقعي تي ايس ٽي پي اڳواڻ غلام مصطفيٰ شاهاڻي، لياقت جانوري ۽ ٻين چيو ته پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ شدت اختيار ڪري وئي آهي، جڏهن ته پاڻي جي لائنن ۾ غيرقانوني ڪنيڪشن لڳائي پاڻي وڪرو ڪيو پيو وڃي.
اڳواڻن مطالبو ڪيو ته غيرآباد سميت ٻين علائقن مان پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ ختم ڪري واٽر سپلاءِ جي لائنن ذريعي پاڻي فراهم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائيندي