صوبائي وزير ناصر شاهه چيو آهي ته عمران خان جو نظريو مڪاري، ڪوڙ ۽ دوکو هو، جنهن کي حقيقي آزاديءَ جو نالو ڏنو ويو جنهن جو انقلاب سان ڪو به تعلق ناهي، عمران خان سياست ۾ زهر ملائي رهيو آهي جنهن جو نتيجو خطرناڪ نڪرندو، عمران خان جون پيدا ڪيل حالتون ٺيڪ ڪرڻ لاءِ هاڻي قومي گيتن جو سهارو ورتو پيو وڃي.
ملڪي صورتحال بابت اهم بيان ۾ ناصر شاهه چيو ته تحريڪ انصاف کي جهيڙي رفتار سان اقتدار ۾ آندو ويو هو هاڻي ان ئي رفتار سان بسترا گول ڪيا پيا وڃن، تحريڪ انصاف کان تحريڪ وارا جيڪي آندا ويا هئا ۽ انصاف وارا ٻئي هاڻي ڌار ڌار ٿي رهيا آهن.
سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ جي جيڪا هڪ ڪروڙ 20 لک ۾ ثاقب نثار ڪنهن کي ٽڪيٽ وٺي ڏني هئي اها هاڻي ڊي ويليو ٿي وئي آهي.
صوبائي وزير ناصر شاهه چيو ته دنيا ۾ اهڙو ڪو مثال ناهي جنهن ۾ زندگي راند روند ۾ گذارڻ واري پوڙهي ڪنهن ٻي جي ڪلهي تي چڙهي انقلاب آندو هجي، انقلابي بڻجڻ لاءِ نظريو هوندو آهي جنهن خاطر عظيم اڳواڻن زندگيون جيلن ۾ گذاري ڇڏيون.
هن چيو ته عمران خان جو نظريو مڪاري، ڪوڙ ۽ دوکو هو جنهن کي حقيقي آزاديءَ جو نالو ڏنو ويو جنهن جو انقلاب سان ڪو به تعلق ناهي.
سندس چوڻ هو ته آصف علي زرداري پهرين ڏينهن کان چئي رهيو هو ته عمران سياست ۾ زهر ملائي رهيو آهي جنهن جا خطرناڪ نتيجا نڪرندا.
صوبائي وزير ناصر شاهه چيو ته عمران خان جون پيدا ڪيل حالتون ٺيڪ ڪرڻ لاءِ هاڻي ملي نغمن جو سهارو ورتو پيو وڃي، هاڻي حڪومت کي نه رڳو معيشيت ٺيڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي پر معاشري کي ذهني پستي مان به ڪڍڻو آهي