قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجي چيو آهي ته بدين، سجاول، ٿرپارڪر، سانگهڙ، دادو، ٺٽي ۽ عمرڪوٽ کي صنعتون ڏنيون وڃن، بدين مان تيل نڪري ٿو پر ان باوجود بدين سنڌ جو غريب ترين علائقو آهي.
بدين ۾ قومي عوامي تحريڪ جي جلسي کي خطاب ڪندي اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ ۾ بيروزگار ۽ مايوس نوجوان آپگهات ڪرڻ تي مجبور آهن.
اياز لطيف پليجي جو چوڻ هو ته افغانستان ۾ اٽي، ڊالر ۽ ڀاڻ جي غير قانوني منتقلي بند ڪئي وڃي، هن وقت پاڪستان کي بحران مان ڪڍڻ لاءِ قبولڻ جوڳي قومي حڪومت جي ضرورت آهي.
هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ بد امني، اغوا ۽ ڦر لٽ جا وڌندڙ واقعا ڳڻتي جوڳا آهن، سردارن ۽ وڏيرن نياڻين جي تعليم ۽ روزگار جا دروازا بند ڪري ڇڏيا آهن
سندس چوڻ هو ته پاڪستان کي هڪ نئين معاشي، آئيني ۽ سماجي چارٽر جي ضرورت آهي، مسئلن جو حل ٽڪراءُ نه، منصفاڻو ۽ جمهوري وفاق آهي.
اياز لطيف پليجي چيو ته 22مئي تي دهشتگردي ڪئي وئي، پاڪستان تڏهن ئي ترقي ڪندو جڏهن دهشتگردي، ڪرپشن ۽ لاقانونيت جو خاتمو ٿيندو.
هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ جيڪو ڪجهه به ٿيو ان ملڪي معيشت کي سخت نقصان پهچايو آهي.
سندس چوڻ هو ته معاشي بحران ۽ 63 اي تي غور لاءِ سپريم ڪورٽ جي فل ڪورٽ بئنچ جوڙي وڃي، سنڌ جو عوام ڊجيٽل آدمشماري کي رد ڪري ٿو، سياسي پارٽين جي جنگ ۾ به پاڪستان جو عوام ئي نشانو بڻجي رهيو آهي