ڪراچي جي احتساب عدالت ۾سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، عدالت طرفان جواب جمع نه ڪرائڻ تي نيب عملدارن مٿان ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو.
ڪراچي جي احتسان عدالت ۾ آغا سراج دراني خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.
سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر آغا سراج دراني خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس احتساب عدالت ڪراچي ۾ پيش ٿيو.
عدالت جواب داخل نه ڪرائڻ تي نيب مٿان ڪاوڙ جو اظهار ڪندي، ڪيس جي ٻڌڻي 17 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي آغا سراج دراني چيو ته ڪور ڪمانڊر هائوس، فوجي ۽ سرڪاري عمارتن تي پي ٽي آءِ طرفان حملا ۽ ڀڄ ڊاهه جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا.
هن چيو ته وڳوڙين خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ ڪو ٻيو به اهڙي حرڪت ڪندو.