نوابشاهه ۾ مڙس هٿان هفتو اڳ قتل ٿي ويل عورت کي ڏاٽن ۽ ڪوڪن سان قتل ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.
وارثن جو چوڻ آهي ته پوليس جوابدارن کان هڪ لک رپيا رشوت وٺي ڪيس لوڙهڻ پئي چاهي، نثار خاتون کي سندس مڙس سراج سولنگي ۽ ڏير ڪوڪا ۽ ڏاٽا هڻي بيدرديءَ سان قتل ڪري اسان سان ظلم ڪيو آهي.
سندن چوڻ هو ته اسان جو ڪيس داخل نه پيو ڪيو وڃي، پوليس ميڊيڪل رپورٽ تبديل ڪرڻ پئي چاهي.