دولتپور صفن جي عدالت طرفان پيپلز ميڊيڪل يونيورسٽيءَ جي شاگردياڻي ڊاڪٽر پروين رند کي حراسا ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي 30 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
سول جج فرمان علي ٽڳڙ جي عدالت ۾ شاگردياڻي ڊاڪٽر پروين رند کي حراسا ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.
شاگردياڻي ڊاڪٽر پروين رند پنهنجي چاچي سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿي.
الزام هيٺ آيل پيپلز ميڊيڪل يونيورسٽيءَ جو ڊائريڪٽر غلام مصطفيٰ راجپوت ۽ ٻيا جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا.
سول جج فرمان علي ٽڳڙ موڪل تي هجڻ سبب ڪيس جي ٻڌڻي 30 مئي تائين ملتوي ڪئي وئي .
عدالت ٻاهران ميڊيا سان گالهائيندي پروين رند چيو ته هوءَ سنڌ جي نياڻي آهي، عدالتن جي چڪرن سبب سندس پڙهائي متاثر ٿي رهي آهي، جوابدارن مان حياتي کي خطرو آهي، اميد آهي ته انصاف ضرور ٿيندو.