اليڪشن ڪميشن ، توهين اليڪشن ڪميشن ڪيس ۾ تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان، فواد چوڌري ۽ اسد عمر کي پنج جون تي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو.
اليڪشن ڪميشن جي ميمبر نثار دراني جي سربراهي ۾ 3 رڪني ڪميشن پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان، اسد عمر ۽ فواد چوڌري خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.
اڳوڻي وزيراعظم عمران خان، اسد عمر ۽ فواد چوڌري طرفان ايڊووڪيٽ فيصل چوڌري ۽ ٻيا وڪيل پيش ٿيا.
ان موقعي تي وڪيل فيصل چوڌري اليڪشن ڪميشن کي ٻڌايو ته اليڪشن ڪميشن جو آرڊر گذريل ڏينهن مليو، آرڊر دير سان ملڻ سبب تياري ۾ دير ٿي.
اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته تحريڪ انصاف جا اڳواڻ 5 جون تي پيش نه ٿيا ته سندن ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويندا.