سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پاڪ فوج جي حمايت ۾ ريليون ڪڍي پاڪ فوج زنده آباد جا نعرا هنيا ويا آهن.
اڏيرو لعل ۾ حيدرپبلڪ اسڪول جي شاگردن ۽ استادن طرفان سئي گيس اسٽاپ کان مين چوڪ تائين پاڪ فوج جي حمايت ۾ ريلي ڪڍي پاڪ فوج جي حقي ۾ نعريبازي ڪئي وئي.
ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته هڪ سياسي پارٽي اقتدار جي حوس ۾ فوجي ٿاڪن تي حملا ڪرائي ملڪ جي سلامتي کي داءَ تي لڳايو آهي.
هنن چيو ته 9 مئي تي سياسي پارٽي جي وڳوڙِين ڪور ڪمانڊر هائوس لاهور کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو، جيڪو ڪم دشمن 75 سالن ۾ نه ڪري سگهيو، اهو پي ٽي آءِ وارن ڪري ڏيکاريو.