نوشهرو فيروز جي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ ۾ ايم سڪس موٽروي ميگا ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي ٿي آهي.
اينٽي ڪرپشن عملدارن پاران موٽروي ميگا ڪرپشن ڪيس جو چالان عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.
چالان مان اهم جوابدارن جا نالا خارج ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.
چالان ۾ ٺيڪيدار خالد چني ۽ مختيارڪار نياز اڄڻ جا نالا خارج ٿيڻ جا اطلاع آهن.
واضح رهي ته موٽروي ڪرپشن ڪيس جا اهم جوابدار ڊي سي تاشفين عالم، ٺيڪيدار رحمت الله سولنگي ۽ تپيدار ٺارو خان اڃا تائين فرار ٿيل آهن.