پي ٽي آءِ جي سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير شيرين مزاريءَ پارٽي ۽ سياست ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته رياستي ادارن کي نشانو بڻائڻ جي سڀني کي مذمت ڪرڻ گهرجي، هوءَ به 9 مئي واقعن جي مذمت ڪري ٿي، خاندان ۽ صحت سبب هوءَ سياست ڇڏي رهي آهي، گرفتاريءَ سبب ڌيءَ تڪليفون برداشت ڪيون، خاندان کان وڌيڪ سندس لاءِ ڪجهه به ناهي.
اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيرين مزاريءَ پي ٽي آءِ ۽ سياست ڇڏڻ جو اعلان ڪيو.
سندس چوڻ هو ته رياستي ادارن کي نشانو بڻائڻ جي سڀني کي مذمت ڪرڻ گهرجي، هوءَ به 9 مئي واقعن جي مذمت ڪري ٿي.
شيرين مزاري چيو ته اڄ کان پي ٽي آءِ سميت ڪنهن به سياست پارٽيءَ سان ڪو تعلق ناهي، هاڻي ٻار، امڙ ۽ صحت سندس ترجيح آهي.
اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته گذريل ڏهن ٻارهن ڏينهن دوران سندس صحت خراب ٿي وئي، گرفتاريءَ دوران ڌيءَ تمام گهڻي تڪليف ڏٺي.
شيرين مزاري کي 9 مئي واقعن بعد ٿري ايم پي او تحت گرفتار ڪيو ويو هو