پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڀارتي مسلمانن ۽ ٻين اقليتن جو جيئڻ جنجال ڪندڙ مودي اصل دهشتگرد آهي، ڀارت جو اصل چهرو هو دنيا کي ڏيکاريندا رهندا، ڀارت انتهاپسندي ڇڏي، والاريل ڪشمير جي حيثيت بحال ڪري ته هو ساڻن ڳالهائڻ لاءِ تيار آهن.
مظفرآباد جي علائقي باغ ۾ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرادري چيو ته جڏهن هو پاڪستان ۾ هوندو آهي ته سياسي پارٽين سان اختلاف ٿي سگهن ٿا پر پرڏيهه وڃڻ بعد سڀني جي نمائندگي ڪندو آهي.
هن چيو ته باغ جي عوام مودي جي جي ٽوئنٽي ڪانفرنس جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو آهي، پاڪستان جا مسئلا وقتي آهن، مودي ڪشمير ۾ ڊراما ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.
پرڏيهي وزير چيو ته ڀارتي مسلمانن ۽ ٻين اقليتن جو جيئڻ جنجال ڪندڙ مودي اصل دهشتگرد آهي، ڀارت جو اصل چهرو هو دنيا کي ڏيکاريندا رهندا.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هو ڪشمير جي عوام سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهن، هو ڪٿي به ويندو آهي ته پاڪستان سان گڏوگڏ ڪشمير جي ڳالهه ڪندو آهي، سموري دنيا ڪشمير کي تڪراري علائقو تسليم ڪري ٿي.
پرڏيهي وزير چيو ته کين چيو ويندو آهي ته پاڪستان جا وڏا مسئلا آهن، پوءِ ڇو بار بار ڪشمير جي ڳالهه ڪريو ٿا؟ ان سندس جواب هوندو آهي ته هو مسئلن جو مقابلو ڪندا پر ڪشميري عوام سان ٽن نسلن جو تعلق آهي، سندن حق خود اراديت واري جدوجهد ۾ پاڪستان گڏ بيٺل آهي.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڀارت جي حڪمران پارٽي سمورن مسلمانن کي دهشتگرد سمجهي ٿي، هو پنهنجو موقف دنيا آڏو رکن ٿا، جڏهن هو قاتل جي قاتل ۽ ڪاسائي کي ڪاسائي چودنو آهي ته ڀارتي ڪاوڙجي پوندا آهن.
پ پ چيئرمين چيو ته هن ڀارتي ميڊيا آڏو ڪشمير جو ڪيس وڙهيو، ڀارتي عوام کي ٻڌايو ته جيڪو کين مسلمانن بابت ٻڌايو ويندو آهي، اهو ڪوڙ آهي، هو دهشتگرد نه پر امن پسند آهن.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته دهشتگرد اهي ماڻهو آهن جيڪي سمجهوتا ايڪسپريس تي دهشتگردي ڪن ٿا ۽ گجرات ۾ دهشت پکيڙڻ ٿا.
پ پ چيئرمين چيو ته ڀارت انتهاپسندي ڇڏي، والاريل ڪشمير جي حيثيت بحال ڪري ته هو ساڻن ڳالهائڻ لاءِ تيار آهن.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته والاريل ڪشمير جيل بڻجي چڪو آهي، ڀارت ڪشمير ۾ ريفرنڊم ڪرائي ته جيئن ڪشميري پنهنجو فيصلو پاڻ ڪن