پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان نيب جي 19 مئي واري نوٽيس جو لکت ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو.
جمع ڪرايل جواب ۾ عمران خان چيو ته نيب طرفان موڪليل نوٽيس ۾ واضح آهي ته هنن الزامن جي بنياد تي وفاقي ڪابينا طرفان ڊسمبر 2019ع ۾ ڳجهي معاهدي جي منظوري ڪئي آهي.
هن چيو ته 190 ملين پائونڊ جي رقم سپريم ڪورٽ جي اڪائونٽ ۾ موجود آهي، جنهن مان ڪنهن به قسم جو ذاتي فائدو نه ورتو، هو ذاتي طور اين سي اي ۽ ملڪ رياض وچ ۾ طئه ٿيل معاهدي جو حصو نه هو.
عمران خان جواب ۾ چيو ته نيب طرفان ڪرپشن جا الزام هٿ ٺوڪيا، بي بنياد ۽ بدنيتي تي ٻڌل آهن، هو سان سندس گهرواريءَ ٽرسٽي طور ڪنهن به ايراضي يا ٻين ذريعن کان ڪو به مالي فائدو نه ورتو.
نيب کي داخل ڪرايل جواب ۾ چيو ويو ته ڪابينا ڳجهي معاهدي جي منظوري اتفاق راءِ سان قانون موجب ڏني هئي، نيب ۾ پيش ٿيڻ کان اڳ جمع ڪرايل جواب ۾ پنهنجي اعتراضن کان هو آگاهه ڪري چڪو آهي.
عمران خان چيو نيب جي انڪوائري رپورٽ 9 مئي تي سندس غيرقانوني گرفتاريءَ بعد ملي، جيڪا پوليس لائن ۾ رهجي وئي، درخواست آهي ته انڪوائري رپورٽ جي ڪاپي زمان پارڪ جي رهائشگاهه تي موڪلي وڃي.
پي ٽي آءِ چيئرمين چيوته نيب طرفان ضروري دستاويز فراهم نه ڪرڻ وارو الزام به غلط آهي، نيب جي نوٽيس جي جواب ۾ وٽس موجود سمورا دستاويز جمع ڪرايا ويا آهن