اڳوڻي ايم پي اي جليل شرقپوري ۽ عبدالرزاق نيازيءَ به پي ٽي آءِ ڇڏڻ جو اعلان ڪيو آهي.
جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ جليل شرقپوري جو چوڻ هو ته هو پاڪ فوج سان گڏ آهي، پي ٽي آءِ جي پاليسين سبب هو ان جو حصو نه ٿو رهي سگهي.
هن چيو ته 9 مئي واقعن تي افسوس آهي، ان جي سموري ذميواري عمران خان تي آهي، پي ٽي آءِ چيئرمين نوجوان نسل کي ڀڙڪايو، هو ڪنهن سيٽ جو اميدوار ناهي، سندس تڪ جي ٽڪيٽ ڏيڻ وقت ساڻس صلاح به نه ڪئي وئي، هاڻي هو عمران خان سان گڏ نه ٿو هلي سگهي.
جليل شرقپوري چيو ته هن سدائين قومي مفاد جي ڳالهه ڪئي آهي، عمران خان سان محبت سندس هاڪاري نعرن سبب هئي.
ان کانسواءِ خانيوال ۾ پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ هولڊر عبدالرزاق نيازيءَ به پي ٽي آءِ ڇڏڻ جو اعلان ڪندي ٽڪيٽ واپس ڪري ڇڏي آهي.
لاهور ۾ پريس ڪانفرنس دوران عبدالرزاق نيازي به پي ٽي آءِ ڇڏڻ جو اعلان ڪندي چيو ته 9 مئي واقعن تي افسوس آهي، هو هاڻي پي ٽي آءِ ۾ نه ٿو رهي سگهي، آزاد حيثيت ۾ اليڪشن وڙهندو.
هن چيو ته فوج ملڪ جي ڪرنگهي واري هڏي آهي، ڪور ڪمانڊر هائوس ۽ جي ايڇ ڪيو تي حملو عوام کان ڪرايو ويو.
عبدالرزاق نيازي چيو ته قيادت جي سپورٽ کانسواءِ ائين ڪڏهن به نه ٿي سگهي ها