سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد بئنچ ايم سڪس مٽياري موٽروي ڪرپشن ڪيس ۾ نامزد عبوري ضمانت ڪرائيندڙ جوابدار اسلم پيرزادي جي ضمانت رد ڪري ڇڏي، جڏهن ته پوليس کيس گرفتار ڪري ورتو.
نيب پاران جوابدار خلاف عدالت کي وڌيڪ ثبوت فراهم ڪيا ويا جن کي نظر ۾ رکندي عدالت سندس ضمانت رد ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
ٻڌڻي دوران جوابدار اسلم پيرزادو وڪيل معرفت پيش ٿيو ۽ ضمانت رد ٿيڻ بعد ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي پر نيب کيس گرفتار ڪري ورتو.
نيب جي ٽيم اسلم پيرزادي کي گرفتار ڪري هيڊ آفيس منتقل ڪري ڇڏيو.