پي ٽي آءِ جي مرڪزي اڳواڻ شاهه محمود قريشي ۽ مسرت جمشيد چيما کي آزاديءَ بعد اڊيالا جيل ٻاهران ٻيهر گرفتار ڪيو ويو آهي.
اسلام آباد هائيڪورٽ پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو، جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب شاهه محمود قريشي جي آزادي قسم نامي سان مشروط ڪئي هئي.
وڪيلن طرفان قسم نامو جمع ڪرائڻ بعد شاهه محمود قريشي کي اڊيالا جيل مان آزاد ڪيو ويو، آزاديءَ جي ترت بعد پوليس شاهه محمود قريشي جي ٻيهر گرفتار ڪري ورتو.
پي ٽي آءِ اڳواڻ مسرت جمشيد چيما کي به آزاديءَ بعد پنجاب پوليس اڊيالا جيل ٻاهران ٻيهر گرفتار ڪري ورتو.