سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته برساتن ۽ ٻوڏ سبب سنڌ ۾ تعليم گهڻي متاثر ٿي آهي، پيپلز پارٽيءَ جي ڪوشش آهي ته سنڌ ۾ تعليم کي عام ڪريون، پ پ غريب ۽ مظلومن جو آواز آهي.
وڏو وزير مراد علي شاهه ۽ سامونڊي فوج جو سربراهه سان گڏ هڪ ڏينهن جي دوري تي سانگهڙ پهچي گورنمينٽ هاءِ اسڪول جي عمارت جي بحالي جو افتتاح ڪري ڇڏيو.
اسڪول جي افتتاح واري تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير مرادعلي شاهه جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ برسات ۽ ٻوڏ ۾ ڪيترائي اسڪول ڊهي پٽ ٿي ويا، سنڌ حڪومت اسڪولن جي بحالي ۽ تعليم جي بهتري لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي.
وڏي وزير جو چوڻ هو ته پيپلز پارٽيءَ جي ڪوشش آهي ته سنڌ ۾ تعليم کي عام ڪريون، پ پ غريب ۽ مظلومن جو آواز آهي.
وڏي وزير جو چوڻ هو ته سانگهڙ پ پ جو ڳڙهه بڻجي چڪو آهي، سانگهڙ ضلعي ۾ پ پ روڊ رستن جو ڄار وڇايو آهي، سانگهڙ جي شهرين سان پ پ هر ڏک سک ۾ گڏ آهي.
هن چيو ته سنڌ حڪومت پاران صوبي ۾ برسات ۽ ٻوڏ متاثر علائقن جي بحالي جو ڪم جاري آهي.