سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پاڪ فوجي جي حمايت ۾ ريليون ڪڍي پاڪ فوج جي حق ۾ نعريبازي ڪئي وئي.
ڏوڪري ۾ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي بوائز هائير اسڪول جي شاگردن ۽ استادن پاران پاڪ فوجي حق ۾ ريلي ڪڍي وئي.
ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته هو 9 مئي واري واقعي جي سخت لفظن ۾مذمت ڪن ٿا.
هنن چيو ته وڳوڙين پاران جي ايڇ ڪيو تي حملو ڪيو ويو، ڪور ڪمانڊر هائوس کي باهه ڏئي ساڙيو ويو.
اڳواڻن مطالبو ڪيو ته رياستي ادارن مٿان حملا ڪندڙن کي عبرت جو نشانو بڻايو وڃي ته جيئن ٻيهر ڪو اهڙي حرڪت نه ڪري سگهي.