سنڌ جي توانائي واري وزير امتياز شيخ چيو آهي ته تحريڪ انصاف سياسي پارٽي نه دهشتگرد تنظيم بڻجي چڪي آهي، 9 ۽ 10 مئي جي واقعن تي سڄو ملڪ ڏک ۾ آهي، 75ورهين ۾ جيڪو ڪم دشمن ملڪ نه ڪري سگهيو اهو عمران خان ڪري ڏيکاريو، فوجي ۽ تاريخي هنڌن تي ڪوبه محب وطن حملو نٿو ڪري سگهي، عمران نيازي جي وطن دشمني وقت کان اڳ قوم آڏو وائکي ٿي چڪي آهي.
جاري ڪيل بيان ۾ امتياز شيخ چيو ته تحريڪ انصاف سياسي پارٽي نه دهشتگرد تنظيم بڻجي چڪي آهي، 9 ۽ 10 مئي جي واقعن تي سڄو ملڪ ڏک ۾ آهي.
سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ جي دهشتگردن جي مدد رياست سان دشمني ۽ ظلم هوندو، 75ورهين ۾ جيڪو ڪم دشمن ملڪ نه ڪري سگهيو اهو عمران خان ڪري ڏيکاريو.
صوبائي وزير امتياز شيخ چيو ته فياض الحسن چوهاڻ جي انڪشافن موجب 9 ۽ 10 مئي جي حملن کان اڳ رٿابندي ڪئي وئي هئي.
هن چيو ته فوجي ۽ تاريخي هنڌن تي ڪوبه محب وطن حملو نٿو ڪري سگهي.
سنڌ جي توانائي واري وزير امتياز شيخ چيو ته عمران نيازي جي وطن دشمني وقت کان اڳ قوم آڏو وائکي ٿي چڪي آهي.