ايس ايس پي گهوٽڪي تنوير احمد تنيو چيو آهي ته ڪچي ۾ آپريشن دوران ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن، سڀ کان وڏو مسئلو پنجاب جا ٻيٽ آهن، پوليس آپريشن دوران ڏوهاري ٻيڙين ذريعي درياءَ جي هن پار هليا وڃن ٿا.
گهوٽڪي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ايس ايس پي تنوير احمد تنيو چيو آهي ته ڪچي ۾ راڻو شر، چاندي شر ۽ پرويز جاگيراڻي جا ٽولا آهن.
هن چيو ته آپريشن دوران 65 مغوين کي بازياب ڪرايو، 37 ڌاڙيل مارجي ويا ۽ 11 زخمي ڪيا ويا آهن، هڪ سئو ڏوهاري ۽ سندن 85 مددگار گرفتار ڪيا ويا آهن.
ايس ايس پي گهوٽڪي تنوير تنيو چيو آهي ته ڌاڙيلن وٽ جديد هٿيارآهن، ڪچي جي رونتي، ٻيلو ميرپور ۽ پي ايس آندل سندراڻي ۾ 60 چيڪ پوسٽون آهن، ٽوٽل 140 چيڪ پوسٽون ٺاهڻيون آهن.