حيدرآباد جي احتساب عدالت ايم سڪس حيدرآباد–سکر موٽروي ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار جوابدار اسلم پيرزادي کي ستن ڏينهن جي رمانڊ تي نيب حوالي ڪري ڇڏيو.
گذريل ڏينهن گرفتار ڪيل جوابدار اسلم پيرزادي کي نيب پاران احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.
نيب عملدارن عدالت کي جوابدر جي رمانڊ جي درخواست ڪئي، جيڪا منظور ڪندي عدالت جوابدار کي ستن ڏينهن جي رمانڊ تي نيب حوالي ڪري ڇڏيو.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد بينچ مان ضمانت رد ٿيڻ بعد نيب موٽروي ڪرپشن ڪيس ۾ نامزد جوابدار اسلم پيرزادي کي گرفتار ڪيو هو.