اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته عمران خان جبري عليحدگين جي ڳالهه ڪئي، 2018ع ۾ هنن جبري شموليتون به ڏٺيون، جبري اتحادي به بڻايا ويا ۽ انهن کان اسيمبلي ۾ ناجائز بل پاس ڪرائڻ لاءِ ووٽ ڏياريا ويا، جلسا ڪامياب ڪرڻ لاءِ ڪنٽينر ڀري ماڻهو آندا ويندا.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته عمران خان کي عدالتن مان جيڪو رليف مليو ان جا مقصد سامهون اچي رهيا آهن، ڪيسن جا تفصيل سامهون ايندا ته ماڻهن کي خبر پوندي ته عمران خان کان وڏو ڪرپٽ ڪو ناهي.
هن چيو ته عمران خان کي هٿرادو طور تي وزيراعظم بڻايو ويو ملڪ جي عوام ناهي وساريو، ماڻهو نظري کان متاثر ٿي پي ٽي آءِ ۾ نه آيا هئا.
شرجيل ميمڻ چيو ته عمران خان جبري عليحدگين وارو ٽوئٽ ڪيو، 2018ع ۾ هنن جبري شموليتون به ڏٺيون، جبري اتحادي ٺاهي ناجائز بل پاس ڪرائڻ لاءِ کانئن ووٽ ڏياريا ويا، جلسا ڪامياب ڪرائڻ لاءِ ڪنٽينر ڀري ماڻهو آندا ويندا هئا.
اطلاعات واري وزير چيوته عمران خان سان ڪو نظرياتي ماڻهو ناهي، ان ڪري پارٽي ڇڏي رهيا آهن، شاهه محمود به پارٽي ڇڏڻ ۾ منٽ ڪندو پر هو ڪنهن مقصد لاءِ ويٺو آهي، جنهن ڏينهن عمران خان نااهل ٿيندو ته هي پارٽيءَ تي قبضو ڪري ويهندو.
هن چيو ته عمران خان نوجوان نسل کي بدتهذيبي رستي تي آڻي ڇڏيو، عمران خان کي ريڊ لائن سمجهڻ وارا هاڻي سمجهي چڪا آهن ته عمران خان ملڪ ۽ قوم لاءِ داغ آهي.
صوبائي وزير چيو ته القادر ٽرسٽ سادو ڪيس آهي، عمران خان ان مان جان نه ڇڏائي سگهندو، بي آر ٽي سميت هڪ هڪ ڪيس سامهون اچي رهيو آهي.
شرجيل ميمڻ چيو ته هو پارليامينٽ ۽ عدليا ۾ ٽڪراءُ جا حامي ناهن، هڪ جو ڪم قانون ٺاهڻ ۽ ٻئي جو ڪم تشريح ڪرڻ آهي.
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري عالمي سطح تي بهترين سفارتڪاري ڪئي، پاڪستان جي سفارتڪاري سبب ڪيترن ئي ملڪن جي 20 ڪانفرنس ۾ شرڪت نه ڪئي، صوبائي وزير چيو ته عمران خان سفارتي محاذ تي ملڪ جي ساک متاثر ڪئي.
شرجيل ميمڻ چيو ته هو سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي سميت ٻين شهرن ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ شروع ڪري رهيا آهن.