سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ڪنٽينر ڀري ڀري پي ٽي آءِ کي ماڻهون ڏنا ويا، جنهن رفتار سان ماڻهو پي ٽي آئي ۾ آيا هاڻ انهيءَ رفتار سان واپس وڃي رهيا آهن، 2018 کان اڳ پي ٽي آءِ ۾ جبري شموليتون ڪرايون ويون، نيازي کي هٿرادو طور آندو ويو، جيڪو ملڪ ۾ ڪنهن عذاب کان گهٽ نه هو، سندس ڪرپشن جا داستان کُلي رهيا آهن، القادر ٽرسٽ ۾ کيس ڪلين چٽ نٿي ڏئي سگهجي.
وزيراعظم شهباز شريف جون ترڪيه ۾ ڪاروپاري شخصيتن سان ملاقاتون
وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته ترڪيه ۾ ڪاروپاري شخصيتن سان ملاقاتون هاڪاري رهيون آهن، زراعت ۽ توانائي سميت...