ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته آءِ ايم ايف سان بدقسمتي سان ٺاهه ۾ دير ٿي آهي پر ڊفالٽ جو ڪو به خطرو ناهي، آءِ ايم ايف ايگريمينٽ لاءِ اسان جي ٽينيڪل ٽيم ڪم مڪمل ڪري ورتو آهي.
اسلام آباد ۾تقريب کي خطاب ڪندي اسحاق دار چيو ته سڀني کي خبر آهي ته ڏکيايون هيون ۽ آهن، معيشت ٺيڪ ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات ڪوششون ڪن پيا.