رتيدير ۾ ٻارڙي گندي نالي ۾ ٻڏي فوت ٿي وئي، جنهن جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو.
گرڊ اسٽيشن پاڙ ۾ 4 سالن جي زنبيره ميمڻ گندي نالي ۾ ڪرڻ سبب ٻڏي وئي.
اطلاع تي وارثن پهچي ٻارڙي کي گندي پاڻي جي نالي مان ٻاهر ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو، جتي ڊاڪٽرن سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي.
اسپتال انتظاميا ضروري ڪارروائي بعد ٻارڙي جو لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو.
ٻارڙِي جو لاش گهر پهچائڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو