فٽيجز…..
سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ شهيدن جي عظمت جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي، شهيدن جي روح کي ايصال ثواب پهچائڻ لاءِ قرآن خواني ۽ دعائون گھريون پيون وڃن، جڏهن ته پاڪ فوج، پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي شهيدن جي يادگار تي سلامي ڏني پئي وڃي.
شهيدن جي عظمت جي ڏهاڙي تي ملڪ جي مختلف شهرن ۾ تقرببون ۽ پروگرام ڪوٺايا پيا وڃن جڏهن ته جنرل هيڊ ڪوارٽر راولپنڊي ۾ مک تقريب ٿي جنهن ۾ آرمي چيف جنرل عاصم منير خاص مهمان طور شرڪت ڪئي.
شهيدن جي عظمت جي ڏهاڙي جي تقريب دوران آرمي چيف جنرل عاصم منير جي ايڇ ڪيو ۾ شهيدن جي يادگار تي حاضري ڀري گل رکي فاتحه خواني ڪئي.
تقريب جي شروعات قرآن پاڪ جي تلاوت سان ڪئي وئي جنهن بعد قومي تراني جي ڌن وڄائي وئي.
تقريب ۾ پاڪ فوج جي حاضر سروس ۽ رٽائرڊ آفيسرن شرڪت ڪئي.
اڳوڻي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه، اڳوڻي چيئرمين جوائنٽ چيفس جنرل نديم رضا ۽ ٻين رٽائرڊ آفيسرن به شرڪت ڪئي.
چيئرمين رويت هلال ڪميٽي مولانا عبدالخبير آزاد، مفتي منيب الرحمان، قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان، بابر اعاظم، محمد رضوان ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي.
تقريب ۾ موجود شهيدن جي گهرڀاتين ۽ اسڪولي شاگردن شهيدن جي يادگار تي گل رکيا.
پاڪستان ايئر فورسز، نيول هيڊ ڪوارٽرز فارميشن هيڊ ڪوارٽرز ۽ پوليس جي شهيدن جي يادگارن تي به تقريبون ٿيون.
صوبائي راڄڌانين، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ به شهيدن جي يادگارن تي تقريبون ٿيون.
شهيدن جي عظمت جي ڏهاڙي جي موقعي تي چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي، سروسز چيفس، رٽائرڊ فوجي آفيسرن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن پاران پاڪستان جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي.
شهيدن جي عظمت جي ڏهاڙي جي موقعي تي آرمي چيف جنرل عاصم منير سان اسڪول جي ٻارن غير رسمي ملاقات ڪئي.
شهيدن جي عظمت جي ڏهاڙي جي موقعي تي آرمي چيف جنرل عاصم منير اسڪول جي ٻارن سان ملاقات ڪئي جن ۾ شهيدن جا ٻارڙا به شامل هئا.
آرمي چيف جنرل عاصم منير اسڪول ۽ شهيدن جي ٻارن جي مٿي تي شفقت جو هٿ رکندي پنهنجي جذبن جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پاڪ فوج شهيدن جي سمورن ٻارن جي وارث آهي.
آرمي چيف ٻارن کي چيو ته شهيدن جي لازوال قربانين سبب اوهان سان سندن رشتو مثالي ۽ هميشه قائم رهڻ وارو آهي، پاڪ فوج اوهان سان هميشه ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل رهندي.