جيڪب آباد ويجهو سنڌ ۽ بلوچستان پوليس جي گڏيل آپريشن دوران هڪ ڌاڙيل مارجي ويو آهي.
هير بيار هوٽل ڀرسان سنڌ ۽ بلوچستان پوليس جي گڏيل آپريشن دوران ڏهارين سان مقابلو ٿي پيو.
فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ڏوهاري ڪريم بخش عرف ڪرو گلواڻي مارجي ويو.
ايس ايس پي جيڪب آباد ڊاڪٽر سمير نور چنا چيو ته مارجي ويل ڏوهاري جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جڏهن ته سندن ڪيسن جو رڪارڊ چيڪ ڪيو پيو وڃي.
سندس چوڻ هو ته مارجي ويل ڏوهاري وٽان ڪلاشنڪوف ۽ گوليون هٿ ڪيون ويون آهن ۽ ڏوهاري جو مٺو شاهه ٽولي سان تعلق هو.
ايس ايس پي جيڪب آباد چيو ته مارجي ويل ڏوهاري بلوچستان پوليس جي ڇهن اهلڪارن جي قتل ۾ ملوث هو.