پي ٽي آءِ جي اڳوڻي ايم اين اي عائشا گلال لئي مسلم ليگ ق ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته پاڪستان اسلام جو قلعو ۽ پاڪ فوج سندس محافظ آهي، هن 2017ع ۾ قوم کي جيڪي ڳالهيون ٻڌايون اهي سچ ثابت ٿي رهيون آهن، هن سميت پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيل ماڻهن هڪ نظرئي جي حمايت ڪئي، مسلم ليگ ق قائد اعظم محمد علي جناح جي پارٽي آهي.
لاهور ۾ چوڌري شجاعت حسين ۽ چوڌري سرور سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي عائشه گلالئي پاڪستان مسلم ليگ قاف ۾ شموليت جو اعلان ڪندي چيو ته چوڌري شجاعت هميشه ملڪ جي سلامتي کي مٿانهون رکيو اڄ هوءَ چوڌري شجاعت جي شاگردي اختيار ڪري رهي آهي.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان اسلام جو قلعو ۽ پاڪ فوج سندس محافظ آهي، هن 2017ع ۾ قوم کي جيڪي ڳالهيون ٻڌايون اهي سچ ثابت ٿي رهيون آهن.
عائشه گلالئي چيو ته هن سميت پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيل ماڻهن هڪ نظرئي جي حمايت ڪئي، مسلم ليگ ق قائد اعظم محمد علي جناح جي پارٽي آهي.
هن چيو ته اڄ شهيدن جي عظمت جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي، هوءَ شهيدن جي وارثن کي ڀيٽا پيش ڪري ٿي.
عائشه گلالئي چيو ته شهيدن جا وارث سندن دعائن ۾ آهن، پاڪستان جو هر شهري پاڪ فوج جو سپاهي آهي.