سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته پيپلز پارٽي جي حڪومت نالن ۽ برسات متاثرن جي بحالي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، سنڌ سرڪار طرفان غربت جي خاتمي لاءِ خاص قدم کنيا پيا وڃن.
وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جو اجلاس ٿيو.
اجلاس ۾ صوبائي وزيرن، خاص مددگار، صوبائي صلاحڪارن، چيف سيڪريٽري ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
وڏي وزير جي ترجمان موجب، اجلاس ۾ 25 نقاطي ايجنڊا تي غور ڪيو ويو جنهن ۾ اهم نقطا گجر نالي، محمود آباد نالي ۽ اورنگي نالي جي متاثرن جي بحالي شامل هئا.
وڏي وزير جي ترجمان چيو ته برساتي ٻوڏ متاثرن لاءِ گهرن جي اڏاوت جو جائزو ورتو ويو جڏهن ته ٺٽي ۾ 400 ميگاواٽ ونڊ ۽ سولر پاور پلانٽس لڳائڻ لاءِ زمين جو پتو لڳائڻ شامل هو.
ان موقعي تي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته پيپلز پارٽي جي حڪومت نالن ۽ برسات متاثرن جي بحالي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، سنڌ سرڪار طرفان غربت جي خاتمي لاءِ خاص قدم کنيا پيا وڃن.
سنڌ ڪابينا پاران اڳوڻي سيڪريٽري ورڪس اينڊ سروسز عمران عطا سومرو جي لاڏاڻي تي مغفرت لاءِ دعا ڪئي وئي.
وڏي وزير جي ترجمان چيو ته عمران عطا سومرو گذريل هفتي اوچتو لاڏاڻو ڪري ويو هو.