جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊئي چيو آھي ته ڌانڌلي ذريعي ٿيل ڊجيٽل آدمشماري، پاڻي جي ھٿرادو کوٽ، مغوي نينگرن جي بازيابي ۽ قبيلائي دھشتگردي خلاف 28 مئي تي سنڌ ۾ تاريخي ھڙتال ڪئي ويندي.
ھڱورجا ۾ جسم اڳواڻ حيدر چانڊئي ۽ عامر دمراني سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي رياض چانڊئي چيو ته حڪمران بحران جون ڳالھيون ڪن ٿا پر سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ 35 ارب روپيا آدمشماري تي خرچ ڪري سنڌين کي سازش تحت ٿورائي ۾ تبديل ڪيو ويو آھي، اھڙي آدمشماري کي سنڌ جا ماڻھو ڪڏنھن تسليم نه ڪندا.
ھن چيو ته ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم ۽ جماعت اسلامي جي فرمائش تي آدمشماري جي تاريخ ۾ واڌ ڪئي وئي، 40 لک افغانين کي به ڳڻيو ويو، ان کانسواءِ 50 لک ڌارين کي ڊجيٽل آدمشماري ۾ ڳڻي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي وئي.
سندس چوڻ هو ته سنڌ ۾ ھٿرادو پاڻي کوٽ پيدا ڪئي وئي آھي، سنڌو درياهه جو پاڻي پنجاب چوري ڪري پيو جنھن سبب سنڌ ۾ زرعي پاڻي جي کوٽ پيدا ٿي وئي آھي، سازس تحت سنڌ جي زراعت کي تباھ ڪيو پيو وڃي.
رياض چانڊئي چيو ته سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ قائم ڪيو ويو آھي، ھڱورجا واسي معصوم جعفر ڀٽو ۽ ڪنڌڪوٽ واسي نينگر ثمرت ڪمار سميت ڪيترائي ماڻھو ڌاڙيلن جي قيد ۾ آھن پر حڪومت انھن کي بازياب نه ڪرائي سگھي آهي.
ھن چيو ته 28 ئي تي تاريخي ھڙتال ڪري دنيا کي ٻڌايو ويندو ته سنڌ جا ماڻھو متحد ۽ منظم ٿي چڪا آھن.
رياض چانڊئي سنڌ جي واپارين ۽ شھرين کي ھڙتال ۾ ڀرپور نموني حصو وٺڻ جي اپيل پڻ ڪئي.