جمشيد چيما، مسرت چيما، مليڪا بخاري ۽ سينيٽر عبدالقادر تحريڪ انصاف جو ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
پي ٽي آءِ جون وڪيٽون ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي، ڪپتان جا وڌيڪ چار اهم رانديگر آئوٽ ٿي ويا آهن.
اسلام آباد پريس ڪلب ۾ پنهنجي گهرواري مسرت چيما سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي جمشيد چيو ته 9 مئي واقعن جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي، ملوث ماڻهن کي سزا ملڻ گهرجي.
هن چيو ته رجيم چينج کانپوءِ عمران خان جي موقف کي نه روڪڻ به سندن ڏوهه آهي، پي ٽي آءِ چيئرمين طرفان جيڪو موقف تيار ڪيو ويو ان جو نتيجو 9 مئي نڪتو.
جمشيد چيما چيو ته 9 مئي واقعا روڪڻ ۾ ناڪام ٿيا، جناح هائوس تي حملي جي ڪارٿابندي نه هئي.
سندس چوڻ هو ته هو پي ٽي آءِ ئي نه پر سياست ئي ڇڏي رهيا آهن.
مسرت چيما چيو ته فوج آزادي ۽ سڪون جي ضامن آهي، وڏو پٽ ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا آهي، ان ڪري کانئس پري نه ٿي رهي سگهي.
هن چيو ته سندس لاءِ مڙس ۽ ٻارن جون حياتيون اهم آهن،حياتيءَ جو بدقسمت ترين ڏينهن 9 مئي آهي، ڪاش ان تاريخ کي ڪلينڊر مان ڪڍي سگهجي ها.
ان کان اڳ مليڪه بخاري به پي ٽي آءِ ڇڏڻ جو اعلان ڪيو.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مليڪه بخاري چيو ته پارٽي ڇڏڻ جو مٿس ڪنهن به دٻاءُ نه وڌو، 9 مئي واقعن جي هوءَ مذمت ڪري ٿي، ان جي شفاف جاچ ٿيڻ گهرجي.
هن چيو ته پرتشدد ڪاررواين ۽ فوجي هنڌن تي حملن ۾ ملوث شرپسندن کي قانون تحت انجام تائين پهچايو وڃي.
مليڪا بخاري چيو ته هوءَ تحريڪ انصاف کان لاتعلقي جو اعلان ڪندي سمورن عهدن تان استعيفيٰ ڏي ٿي، وڪيل طور نظام جي بهتريءَ لاءِ ڪم ڪندي رهي.
ان کانسواءِ بلوچستان ۾ چونڊيل پي ٽي آءِ سينيٽر عبدالقادر به باضابطا طور پي ٽي آءِ کان لاتعلقي جو اعلان ڪيو، عبدالقادر 2021ع ۾ آزاد حيثيت ۾ سينيٽر چونڊيو ويو هو.
پارليامينٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عبدالقادر چيو ته جناح هائوس، ڪور ڪمانڊر هائوس ۽ فوجي حملن جي مذمت ڪري ٿو، هاڻي هو سينيٽ ۾ پي ٽي آءِ بدران آزاد حيثيت ۾ ويهندو.