سنڌ ھاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ سکر، لئنس ڊائون پل، سکر بئراج ۽ ستين جي آستان کي تاريخي ورثو قرار ڏيندي سنڌ حڪومت کي نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آھي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ سکر لئنس ڊائون پل، سکر بئراج ۽ ستين جي آستان کي تاريخي ورثو قرار ڏيڻ بابت فيصلو لکت ۾ جاري ڪري ڇڏيو.
فيصلي ۾ چيو ويو آھي تھ سموري سنڌ ۾ جيڪي به تاريخي ماڳ آھن انھن کي تاريخي ورثو قرار ڏئي محفوظ بڻايو وڃي.
عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو تھ اسڪول سطح تائين سکر بئراج ۽ لئنس ڊائون پل بابت مواد نصاب ۾ شامل ڪيو وڃي، قديمي ۽ تاريخي ماڳن جي حوالي سان انفارميشن ڊيسڪ، سائنٽيفڪ ليبارٽريون جوڙي آگاھي سيمينار منعقد ڪيا وڃن.
عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو تھ اسڪولن، ڪاليجن جي شاگردن جا ٽوئر ڪرائي سکر بئراج، لئنس ڊائون پل ۽ ٻين تاريخي ماڳن جي دنيا ۾ افاديت، قدامت ۽ تاريخ جي حوالي سان ڄاڻ ڏني وڃي.
عدالت سنڌ سرڪار کي ھدايت ڪئي تھ سمورن تاريخي ماڳن کي نصاب ۾ شامل ڪري هڪ مهيني اندر ماڳن کي تاريخي ورثو قرار ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي.